لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليما خان جي پٽ شير شاهه جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل 9 مئي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عليما خان جي پٽ شير شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي 9 مئي تي جناح هائوس حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس 30 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته جوابدار موقعي تي حسان نيازي سان گڏ موجود هو ۽ ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه تي اڪسائيندو رهيو.
عدالت پوليس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ پوءِ فيصلو ٻڌائيندي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل شير شاهه جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عليما خان جي پٽ شاهه ريز کي به عدالت 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو.
You might also like