بابر ۽ رضوان جي ٽيم مان نيڪالي تي شاهين جو ردعمل اچي ويو

شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي غير موجودگي بابت ردعمل سامهون اچي ويو.
بابر ۽ رضوان، جيڪي 2021 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان وٺي هر وڏو ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا رهيا، پر خراب فارم سبب ٻئي ڊسمبر 2024 ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کانپوءِ مختصر فارميٽ مان ٽيم کان ٻاهر آهن.
ايشيا ڪپ جي اسڪواڊ ۾ به بابر اعظم ۽ رضوان کي شامل ناهي ڪيو ويو، جنهن تي سندن مداحن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.
ان ڏس ۾ شاهين نوجوان رانديگرن جي حمايت ڪرڻ سان گڏوگڏ بابر ۽ رضوان کي ورلڊ ڪلاس پليئر قرار ڏنو.
شاهين جمعي ڏينهن شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ سيشن دوران چيو ته ”مان به شايد مستقبل ۾ ٽيم جو حصو نه رهندس، هر ڪنهن کي موقعو ملڻ گهرجي، بابر ۽ رضوان پاڪستان لاءِ بهترين ڪرڪيٽ کيڏي ۽ انشاءَالله ٻيهر کيڏندا، پر نوجوانن کي به موقعو ملڻ گهرجي ۽ اسان کي سندن ساٿ ڏيڻو پوندو.“
ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ ٿيندڙ وڏن مقابلن لاءِ بهترين تياري ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٽي ملڪي سيريز به ايشيا ڪپ جي تيارين ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪا به ٽيم آسان ناهي.
فاسٽ بالر موجب، ٽيم جو پهريون ٽارگيٽ ٽي ملڪي سيريز ۽ پوءِ ايشيا ڪپ هدف آهي، ٽيم ۾ اختلافن بابت افواهن تي شاهين وضاحت ڪندي چيو ته” اهڙيون ڳالهيون ٻاهران ٻڌندا آهيون، ٽيم ۾ اهڙو ڪجهه ناهي، فيملي ۾ به ننڍيون وڏيون ڳالهين ٿين ٿيون پر اهي فيملي اندر ئي رهڻ گهرجن، اسان جو ڪم آهي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ پاڪستان کي خوشيون ڏيڻ.“
ياد رهي ته پاڪستان ايشيا ڪپ کان اڳ افغانستان ۽ ميزبان يو اي اي خلاف ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندو، جيڪا 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جڏهن ته ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.