واٽس هاڻي توهان کي وسري ويل ڪالون به ياد ڏياريندو، طريقو سمجهي وٺو

واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو گهڻي حد تائين وائس ميل جهڙو محسوس ٿئي ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته واٽس ايپ تي اهڙي فيچر تي ڪم هلي رهيو آهي جيڪو واهپيدارن کي اهڙين ڪالن جي ياد ڏياريندو جيڪي هو ڪنهن سبب ڪري نه کولي سگهيا هئا.
ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب، مِس ڪالز لا وائس ڪالز جهڙي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اِهو فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي.
رپورٽ موجب، جڏهن توهان ڪنهن کي واٽس ايپ ڪال ڪندا ۽ هو اها نه کولي سگهندو ته ميسيجنگ ايپ ۾ رڪارڊ وائس ميسيج جو شارٽ ڪٽ ” ڪال اگين“۽ ” ڪئنسل “ بٽڻن سان گڏ نظر ايندو.
اهو آپشن ان فرد سان گڏ چيٽ دوران به نظر ايندو.
ان شارٽ ڪٽ سان توهان ان ماڻهو کي ترت آڊيو پيغام اُماڻي سگهندا جنهن ڪال نه کنئي هجي.
جيتوڻيڪ واٽس ايپ ۾ وائس نوٽ رڪارڊ ڪرڻ وارو آپشن اڳواٽ ئي موجود آهي، پر هن نئين شارٽ ڪٽ سان وائس ميسيج موڪلڻ جو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
رپورٽ موجب، هي فيچر هن وقت رڳو بيٽا ورزن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، جڏهن ته في الحال اهو واضح ناهي ته سمورن واهپيدارن لاءِ ڪڏهن ۽ ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.