فيلڊ مارشل سان چيني پرڏيهي وزير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير سان چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران علائقائي سلامتي، دهشتگردي خلاف قدمن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
چيني پرڏيهي وزير پاڪستان جي ترقي ۽ خودمختياري لاءِ حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي مستقل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ جو گڏيل عزم ورجايو.
ياد رهي ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻطرفي واپار سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.