لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي پنجاب صوبي ۾ چوماسي جي اٺين اسپيل جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، 22 آگسٽ جي رات کان اولهندي هوائون صوبي جي مٿاهين علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ چوماسي برساتن جو اٺون اسپيل 23 آگسٽ کان شروع ٿيندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته 23 کان 27 آگسٽ تائين دريائن جي مٿاهين حصن ۾ شديد طوفاني برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو انديشو آهي.
ترجمان موجب، جهلم، چناب، راوي، ستلج دريائن ۽ انهن سان لاڳاپيل ندي نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ هن سسٽم تحت راولپنڊي، مري گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرات، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد ۾ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته لاهور، قصور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، جهنگ، ننڪانه ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ به وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
Prev Post
You might also like