اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪري هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي،خبر موجب، وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين پپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ، خاص طور ڪراچي ۾ تيزز برساتن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو،وزيراعظم سنڌ حڪومت کي مڪمل سهڪار جي پيشڪش ڪئي ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي کي به هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ رهي،وزيراعظم وفاقي وزير تعليم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ تازين برساتن، ٻوڏ واري صورتحال ۽ ايندڙ امڪاني برساتن جي خطري بابت خيالن جو ڏي وٺ ڪيو،ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ جاري امدادي سرگرمين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه، ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ تازين برساتن جي ڪري ماڻهن جي ڏکيائين کي فوري طور تي گهٽائڻ لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.وزيراعظم الخدمت فائونڊيشن جي امدادي سرگرمين جي تعريف ڪئي ۽ ڪارڪنن جي جذبي جي تعريف ڪئي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته موجوده صورتحال ۾، سڀني سياسي پارٽين کي پنهنجا اختلاف وساري ڏکيائي مثيبت ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.حافظ نعيم الرحمان حڪومت تي زور ڏنو آهي ته ملڪ کي درپيش موسمياتي تبديلي جي سخت خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عمليون ۽ منصوبا جوڙيا وڃن. هن چيو ته شهري علائقن ۽ سياحتي هنڌن کي حددخلين کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪراچي ۽ خيبر پختونخواه جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ اڳيان وڌي مدد ڪن.