ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جو سڀ کان وڏو مسئلو اختيارن جي ورهاست جو آهي، هن وقت مان جتي بيٺو آھيان، اهو ڪورنگي ڪينٽونمينٽ بورڊ جي انتظام هيٺ اچي ٿو، هن چيو ته جيڪڏهن هر ڪم مون کان ئي ڪرائڻو آهي ته پوءِ هو ٽيڪس ڇو ٿا وٺن؟ ڪينٽونمينٽ جو سي اي او ڪاٿي آهي؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته 14 ارب رپيا ٽائونن کي مليا آهن. لياقت آباد جي نيڪ فرشتن جيڪو روڊ ٺاهيواهو ٽٽي پيو، ڇا ڪنهن انهن کان پڇيو؟” هن چيو ته برساتن کان پوءِ لياقت آباد جي جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمين کان پڇنداسين ته وضاحت ڏئي نه ته اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.