ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي۔ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي مان جاري ڪيل اعلاميي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪراچي ۾ برساتن ۽ اربن فلڊنگ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون۔اعلاميي موجب ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وزيراعظم کان اپيل ڪئي ته ڪراچي ۾ وفاقي ادارن کي مڪمل طور فعال ڪيو وڃي، ته جيئن شهري مشڪلاتن کي گهٽائي سگهجي۔ايم ڪيو ايم جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين اين ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو ڪراچي ۾ مڪمل طور تي متحرڪ ۽ سرگرم رهن۔