حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته تازي برساتن حڪمرانن جي نااهلي،بيحسي ۽ ڪرپشن کي نروار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته برسات کانپوءِ نه رڳو شهرن مان پاڻي نيڪال جا جوڳا اپاءُ نه کنيا ويا آهن پر ٻهراڙين ۾ روڊ رستا بند ٿيڻ ڪري لکين ماڻهو اجهن ۾ قيد ٿي ويا آهن ۽ سندن زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مڪاني ادارن ۾ ويٺل حڪمران جماعت پ پ پ جا نمائندا عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرپشن ۾ رڌل آهن. عوام لاءِ رکيل بجيٽ ۽ وسيلن کي لوٽي نجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اسپتالن ۾ دوائون غائب، اسڪولن ۾ استاد ناهن، روڊ ۽ نيڪال جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي، برسات سان متاثر ٿيل علائقن ۾ ماڻهن کي ڪو به رليف نه ملي رهيو آهي ۽ مٿان وري ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي غائب ٿيڻ سبب عوام سخت پريشان آهي.هن چيو ته سنڌ ڪرپشن ۾ سڄي ملڪ کان اڳتي نڪري وئي آهي، جتي وزير، مشير ۽ چونڊيل نمائندا عوامي خزاني کي پنهنجو ذاتي مال سمجهي لٽ مار ۾ لڳل آهن، جڏهن ته بيوروڪريسي به انهن جي هٿ ۾ يرغمال بڻيل آهي ۽ عوام جي خدمت بدران حڪمرانن کي حصا پتي پهچائڻ ۾ مصروف آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته برسات متاثر ماڻهن لاءِ فوري امدادي ڪارروائين جي ضرورت آهي، کين کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ رهائش جي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن،