اسلام آباد( بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، 4 ڪلاڪن دوران برساتن سبب ملڪ ڀر ۾ 41 ماڻهو جانبحق ۽ 11 زخمي ٿيا۔ جانبحق ٿيل ماڻهن ۾ 29 مرد، 9 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. اين ڊي ايم اي جي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا ۾ 19 ماڻهو فوت ۽ 1 زخمي ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 11 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿيا. سنڌ ۾ به 11 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿيا. اين ڊي ايم اي موجب، هن وقت تائين ملڪ ڀر ۾ برساتن سبب مجموعي طور 748 ماڻهو فوت ۽ 978 زخمي ٿيا آهن. فوت ٿيلن ۾ 459 مرد، 111 عورتون ۽ 178 ٻار شامل آهن. زخمين ۾ 475 مرد، 243 عورتون ۽ 260 ٻار شامل آهن.