ڪراچي( ع آ نيوز) ڪراچي ۾ سماجي تنظيم ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ نيون سوسائٽيون ماسٽر پلان تباهه پيون ڪن. هن چيو ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ، پاڻي ۾ ٻڏڻ جا واقعا گهڻا ٿين ٿا. پوريون پوريون موٽر سائيڪلون پاڻي ۾ ٻڏي وڃن ٿيون، جن کي ريسڪيو ڪرڻ هڪ ڏکيو مرحلو هوندو آهي . هنن موجب، اسانجي ريسڪيو لاءِ جيڪي گاڏيون آهن، اهي گهڻيون ننڍيون آهن، ته جڏهن روڊن تي ٽي کان چار فوٽ پاڻي اچي ٿو ته اهي گاڏيون هلي نٿيون سگهن، ان ڪري برسات جي پاڻي سبب عام ڏينهن ۾ هلندڙ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو نيٽورڪ بند ٿي وڃي ٿو . پوءِ فلڊ ريسڪيو وارو نيٽورڪ سرگرم ڪيو ويندو آهي، پر ايتري وڏي آبادي ۾ اسان ڇا ۽ ڪيترو ڪري سگهون ٿا، ڇو ته هر علائقي مان ڪالون اچي رهيون ٿين. هن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ جيتريون نيون سوسائٽيون ٺهيون آهن، انهن نالا نه ٺاهيا. ته پوءِ برسات جي حالت ۾ روڊ ئي نالا بڻجي وڃن ٿا. پوري ماسٽر پلاننگ کي تباهه ڪيو ويو آهي. جتي نالن جي جاءِ تي بنگلا ٺهندا ته پوءِ اهو ئي ٿيندو. فيصل ايڌيالزام هنيو تههر سال ساڳين ئي جڳهن تي نالا بند ٿين ٿا، جتي سڀني کي خبر آهي. مسئلو ساڳي جاءِ تي بيهجي ويو آهي. نالن جا رستا سوسائٽين بند ڪري ڇڏيا آهن. سو سو فوٽ جا نالا ڊفينس ۾ گهٽائي 40 فوٽ جا ڪيا ويا آهن، ۽ انهن تي بنگلا ٺاهي ڇڏيا ويا آهن.