اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري، حڪومتي تجويز تي آزاديءَ ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ 263 ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کي سول ايوارڊز ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب، ايوارڊز لاءِ چونڊيل شخصيتون شوبز، ادب، راندين، تعليم، سائنس، طب، صحافت، سماجي خدمتن ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکن ٿيون.
شوبز سان واڳيل شخصيتن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار عرفان کوسٽ، حديقه ڪيانِي، عرفان احسن، عذرا آفتاب، ثمينا پيرزادو، فضيلا قيصر نظاماڻي، سويرا عباس (عرف سويرا نديم)، حُميرا ارشد، سائرا نسيم ۽ سليمه هاشمي کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو.
اهڙي طرح محمد اعظم خان، ذوالقرنين حيدر، سلطان جاويد جمال، نور محمد بلوچ (عرف نورال)، رجب علي، مختار ناز، تاج مستاني، خواجه علي ڪاظم (وفات کانپوءِ)، جمشيد علي خان ۽ شيخ محمد صادق (ايس ايم صادق) کي آرٽس جي مختلف شعبن ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ڏنو ويندو.
الله ڏنو (عرف اي ڊي بلوچ)، عمران الله هنزئي ۽ قاضي شجاعت قادري کي اداڪاري، بصري فنون ۽ نعت خواني لاءِ تمغه امتياز ملندو.
ادب سان لاڳاپيل شخصيتن ۾ عرفان الحق صديقي، عطا الحق قاسمي ۽ مستنصر حسين تارڙ کي شاعري ۽ نثرنگاريءَ لاءِ نشان امتياز سان نوازيو ويندو.
اصغر نديم سيد ۽ زهره مجيد علي (عرف زهره نگار) کي هلال امتياز ڏنو ويندو، جڏهن ته مرتضيٰ برلاس (عرف مرتضيٰ بيگ برلاس)، ياسمين حميد، نصير احمد ناصر، قرار حسين (وفات بعد)، عبدالرئوف رفيقي، رضا الله شاهه عارف نوشاهي ۽ سيد مسعود حسن شهاب دهلوي (وفات کانپوءِ) کي شاعري، تنقيد ۽ تحقيق لاءِ ستاره امتياز سان نوازيو ويندو.
امين الله دائودزئي، اختر محمود (عرف اختر عثمان) ۽ تاجمل ڪليم (وفات بعد) کي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويندو.
احمد خان طارق (وفات کانپوءِ)، غلام معِين الدين (عرف معِين نظامي)، ناصر عباس نير، محمد امين ضياءُ ۽ ثروت محي الدين کي ادب ۽ نثرنگاريءَ لاءِ تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.
ان کانسواءِ حڪومت طرفان مختلف راندين سان واڳيل 10 شخصيتن کي قومي اعزاز ڏنا ويندا.
اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي، جبل چاڙهو شهرروز ڪاشف، ملڪ محمد عطا (مرحوم) کي هلال امتياز سان نوازيو ويندو، جڏهن ته اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر ثناءَ مير ۽ ڊسڪ ٿرو ۾ حيدر علي کي ستاره امتياز ڏنو ويندو.
ان کانسواءِ اسڪواش ۾ حمزا خان، شوٽنگ ۾ محسن نواز ۽ ٽينس ۾ راشد ملڪ کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.
شاهد زيب رند کي ڪراٽي ۽ محمد سجاد کي ڪبڊي ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويندو.
واضح رهي ته حڪومت طرفان رانديگرن کي 23 مارچ 2026 تي يوم پاڪستان جي موقعي تي اعليٰ ترين قومي اعزازن سان نوازيو ويندو.
You might also like