ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار محسن گيلاني سس ۽ نُنهن جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار جي اهم سبب تي روشني وڌي آهي.
سينيئر اداڪار تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن سان گڏ سس ۽ نُنهن جي رشتن بابت به ڳالهايو.
محسن گيلاني خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مائرن کي گهرجي ته هو پنهنجي پٽن جي شادي ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، جڏهن شادي ٿي ويندي آهي ۽ نُنهن گهر ۾ ايندي آهي ته سس کي لڳندو آهي ڄڻ منهنجو پٽ مون کان کسجي ويو آهي.
ٻي پاسي ڌيءَ جي ماءُ ڌيءَ کي چوندي آهي ته ڪوشش ڪر الڳ گهر وٺجانءِ ۽ جڏهن ڌيءَ الڳ گهر جي خواهش سان ويندي آهي ته تڪرار شروع ٿي ويندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن پٽ پنهنجي زال کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳندو آهي ته ماءُ کي لڳندو آهي ته منهنجو پٽ مون کان پري ٿي ويو آهي، اهڙي سوچ به گهڻو ڪري جهيڙن جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
”ماءُ ڌيءَ کي چئي ٿي ساهرن کان ڌار رهجان، اِهي ڳالهيون سس ۽ نُنهن جي تڪرار جو ڪارڻ بڻجن ٿيون“
You might also like