شامي پنهنجي سنگتياڻين جي ٻارن کي مهانگا تحفا ڏئي ٿو پر ڌيءَ کي نه ٿو پڙهائي: اڳوڻي گهرواري جا الزام

ڀارت (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي جي اڳوڻي زال حسين جهان الزام لڳايو آهي ته شامي پنهنجي گرل فرينڊز جي ٻارن کي مهانگا تحفا ڏئي ٿو، پر پنهنجي ڌيءَ جي تعليم ۽ خرچن لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري.
واضح رهي ته اڳوڻي ماڊل حسين جهان 2014ع ۾ محمد شامي سان شادي ڪئي هئي، جوڙي کي هڪ نياڻي آئرا جو اولاد آهي، حسين جهان 2018ع ۾ شامي مٿان گهريلو تشدد، زنا ۽ ڏاج لاءِ هراسان ڪرڻ جا الزام مڙهي عليحدگي اختيار ڪئي هئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ حسين جهان الزام لڳائيندي چيو ته شامي ڌيءَ آئرا کي سٺي اسڪول ۾ داخل نه ٿو ڪرائڻ چاهي.
هن انسٽاگرام تي ڌيءَ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”الله جي ڪرم سان مان اڄ تمام گهڻي خوش آهيان، ڇو ته دشمنن چاهيو ته منهنجي ڌيءَ جو سٺي اسڪول ۾ داخلا نه ٿئي، پر الله جي فضل سان آئرا کي هڪ سٺي انٽرنيشنل اسڪول ۾ داخلا ملي وئي آهي، شڪر الحمدلله.“
حسين جهان چيو ته ڌيءَ جو پيءُ، جيڪو پاڻ ارب پتي آهي، عورتن جي چڪر سبب پنهنجي ئي ڌيءَ جي مستقبل سان کيڏي رهيو هو.
هن لکيو ته ”هو( محمد شامي) پنهنجي گرل فرينڊز جي ٻارن کي وڏن اسڪولن ۾ پڙهائي رهيو آهي، عورتن کي لکين رپين واري بزنس ڪلاس فلائيٽ ۾ گهمائي ٿو ، پر ڌيءَ جي پڙهائي لاءِ پيسا ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.“
هن وڌيڪ چيو ته الله جو شڪر آهي ته ملڪ ۾ قانون موجود آهي، نه ته خبر ناهي اسان سان ڇا ٿئي ها.
واضح رهي ته گذريل مهيني ڪولڪتا هاءِ ڪورٽ محمد شامي کي پنهنجي اڳوڻي زال حسين جهان ۽ ڌيءَ کي هر مهيني چار لک ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
عدالت محمد شامي کي حڪم ڏيندي چيو ته هو کيس حسين جهان کي ماهوار ڏيڍ لک رپيا، جڏهن ته ڌيءَ کي اڍائي لک رپيا ڏيڻا پوندا.
عدالت وڌيڪ چيو ته شامي رضاڪاراڻي طور ڌيءَ جي تعليم يا ٻيا خرچ حصو وجهڻ لاءِ آزاد آهي.
سگهي ٿو، حسين جهان ان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي لاءِ 7 لک ۽ ڌيءَ لاءِ 3 لک رپيا هر مهيني معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.