ڪراچي (رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ اڄ نيو ڪراچي پهچي ڪجھ ڏينھن اڳ راشد منهاس روڊ تي ڊمپر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ معصوم ڀيڻ ڀاءُ ماھ نور ۽ احمد رضا جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.سيد زين شاھ ماھ نور ۽ احمد رضا جي والد کان حادثي جا تفصيل ورتا ۽ انصاف ٿيڻ تائين مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته ڪيتري عرصي کان هيوي ٽريلر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ معصوم جانين سان کيڏي رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته سنڌ حڪومت جيڪا گذريل 18 سالن کان هن صوبي جي گورننس هلائي رهي آهي انهن وٽ انساني جانين بچائڻ جو ڪوبه پلان ڪونهي.سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ۾ جيڪي ميٽروپوليٽن شهر هوندا آهن انهن جو خاص ٽريفڪ پلان هوندو آهي جيئن حادثن کان بچي سگهجي پر ڪراچي ۾ اهڙو ڪو به سسٽم ڪونهي. اربين رپين جي بجيٽ صرف حڪمران پنهنجي عياشين ۾ خرچ ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو ٽريفڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ڪڏهن نمبر پليٽن جي چڪر ۾ ڪڏهن ڊجيٽل ڪارڊ جي صورت ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيو آهي پر وٽن ٽريفڪ جو نظام درست ڪرڻ لاءِ ڪو به جامع پلان ڪونهي.ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ منير نائچ، جڳديش آھوجا ،ڊاڪٽر علي نواز گبول، فتح خاصخيلي ،ستار ڏاهري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا