اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن کي حڪومت سان ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
اسپيڪر اها آڇ اسد قيصر جي اپوزيشن ميمبرن جي اختيار بابت ڳالهه تي رمارڪس دوران ڪئي.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته پارلياماني روايتون، آئين، قانون ۽ قومي اسيمبلي جا ظابطا سڀني آڏو آهن، ۽ انهن جي پاسداري ئي جمهوري نظام جي مضبوطي جي ضمانت آهي.
هن چيو ته ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي جي گرفتاري کانپوءِ به ”پروڊڪشن آرڊر“ جاري نه ٿيا، جڏهن ته پارلياماني سياست ۾ مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ذريعي ممڪن آهي.
اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڳالهين لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، گرينڊ جرڳي کان وڏو فورم قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کان وڌيڪ ٻيو نٿو ٿي سگهي،
هن وڌيڪ چيو ته سڀني سياسي ڌرين کي پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اختلافِ راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر ان کي تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ بدلائڻ ئي قومي مفاد ۾ آهي.
You might also like