اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان آئين تحفظ تحريڪ جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي محمود اچڪزئي جو چوڻ هو ته آئين هڪ سماجي معاهدو آهي، جيڪڏهن ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪستان جا بنيادون لڏي ويندا. هن چيو ته اياز صادق ميمبرن کي شرڪت نه ڪرڻ تي نااهل قرار ڏنو، اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ مان گرفتار ڪيو ويو ان وقت اياز صادق کي پنهنجو اختيار ياد نه هو. هڪ ڪرنل جيل ۾ ويٺو آهي ۽ اسپيڪر حوالدار بڻجي ويو آهي. هاڻي هڪ اسپيڪر، هڪ حوالدار، ڪرنل کان جواب ڪيئن گهري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن جيلر کر اسيمبلي نه گهرايو ويو ته اسان اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين،هن چيو ته اسان ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن جي به ملازمت مدي ۾ واڌ جي خلاف آهيون، اهو رستو بند ٿيڻ گهرجي. محمود اچڪزئي چيو ته سڀني مسئلن جو واحد حل شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي،هن چيو ته اسان مشرف کي گهٽ وڌ چئون ٿا هن جي دور ۾ اپوزيشن کي ٿوري گهڻي آزادي هئي،هاڻي ته اپوزيشن کي صفا برداشت ئي نٿو ڪيو وڃي،بندوق جي زور تي جيڪو تماشو ڪي پي ۾ شروع ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ان سان ماڻهن ۽ فوج وچ ۾ جنگ ڇڙي ته شهبازشريف تون ۽ تنهنجا ساٿي ان سڄي جا ذميوار هوندا،معدنيات جي ڪري بندوق جي زور تي اسان جا علائقا خالي ڪرايا پيا وڃن،هن چيو ته ايتري اپروچ جنرل جي غلط ناهي جيتري اپروچ شهبازشريف جي آهي،شهباز شريف! ٻڌي وٺ اسان جمهوري جدوجهد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون،پيپلزپارٽي،ن ليگ،مولانا پنهنجا نڪتا کڻي اچن،اسان صحيح ڪري ڇڏيون ٿا،ڀائيچارو ڪريون،حڪومت اسان جي پرامن جدوجهد کي دٻائيندي ته خدانخواسته پرامن تحريڪ ٻئي رستي ڏانهن وئي ته ذميواري حڪومت جي هوندي،سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ساڍن ٽن سالن ۾ عوام کي ڇا مليو؟ان عرصي ۾ پاڪستان جي اشرافيه کي ڪيترو فائدو مليو؟معيشت زبردست ٿيڻ جا آواز اشرافيه پاران اچي رهيا آهن،عوام کي ته ڪو به رليف ناهي مليو،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اشرافيه پئسا ٺاهي رهي آهي،ايترا پئسا ته تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٺاهيا ويا،عوام لاءِ نقصان ئي نقصان ٿيو آهي،هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به 38 سيڪڙو مهانگائي نه ڏٺي جيڪا ساڍن ٽن سالن ۾ ٿي،ڪنزيومر انڊيڪس 50 سيڪڙو تائين پهچي ويو جيڪو ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو،مڊل ڪلاس لوئر مڊل ڪلاس ٿي وئي آهي،هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ نه لٿا هئا،يعني سوا يارهن ڪروڙ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ آهن،پر هتي وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير هر روز اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بيل وڄائي ترقي جا ترانا پيا ڳائين،بيروزگاري جي شرح 22 سيڪڙو آهي،ان جو ذڪر نه وزيراعظم نه ئي پارليامينٽ ۾ ٿئي ٿو،هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ 19 ٽريلين رپين جو قرضن ۾ اضافو ٿيو هو،هاڻي ٽن سالن ۾ ان کان ٻيڻ تي واڌ ٿي آهي،38 ٽريلين جو اضافو ٿيو آهي،ڇا ان سان خوشحالي آئي؟هي حڪومت ٻڌائي ته اهي قرض ڪيڏانهن ويا؟هن چيو ته پاڪستان جي اڪنامڪ مئنيجمينٽ رڳو قرضن ۽ رول اوور تي ٻڌل آهي،ان تي حڪمران بي شرمي سان هڪ ٻئي کان مبارڪباد ڏئي رهيا آهن،سيڙپڪاري ٿيندي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا،ايس آءِ ايف سي ذريعي 100 ارب ڊالرن جي اڳڪٿي ڪئي وئي،هن وقت 50 سالن جي گهٽ ترين شرح تي سيڙپڪاري آهي،هن چيو ته شهبازشريف وچ اوڀر،وچ ايشيا سميت ٻاهرين ملڪن جا درجنين دورا ڪيا،ٻين ملڪن مان ماڻهو آيا،150 کان وڌيڪ ايم اويوز تي صحيحون ٿيون،انهن مان به هڪ پئسو نه آيو،ٽن سالن ۾ 60 سيڪڙو ماڻهن جي قوت خريد ختم ٿي آهي،اهي سمورا انگ اکر پاڪستان سرڪار جا آهن،هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ تعليم،صحت،صاف پيئڻ جو پاڻي اچن ٿا اهو انڊيڪس خراب کان خراب تر ٿي ويو آهي،40 سيڪڙو خواندگي شرح آهي،2 ڪروڙ 75 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن،معيشت اشرافيه لاءِ مستحڪم ٿي آهي،هن چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو جواز بڻايو ويو ان وقت پاڪستان وٽ 17 ارب ڊالرن جا ناڻي جا مٽاسٽا جا ذخيرا هئا،جون 2023 ۾ رڳو 4 ارب ڊالر هئا،هاڻي ٻڌايو ته 17 ارب ڊالر تي ڊيفالٽ ٿئي ها؟ يا 4 ارب ڊالر تي ؟عمران خان جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف قرض جاري ڪرڻ واري هئي،موجوده حڪمرانن اهو به ڪوڙ هنيو ته اسان رياست بچائڻ لاءِ سياست جي قرباني ڏني،انهن اقتداروٺڻ لاءِ قرباني ڏني هئي،هن چيو ته ٽن سالن ۾ وڏا اسڪينڊل آيا،هڪ ته کنڊ جو اسڪينڊل آهي،300 ارب رپيا عوام جي کيسن مان ويا،وزيراعظم پهرين ته پنهنجي پٽ کان پڇاڻو ڪري،ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ به 300 ارب رپين جو ڌاڙو لڳو،ان تي ڪهڙو قدم کنيو ويو؟زراعت ۾ 5 فصل تباهه ٿي ويا،صنعتن جي پيداوار مائنس ۾ هلي رهي آهي،معيشت تيستائين ٺيڪ نه ٿيندي جيستائين سياسي استحڪام نٿو اچي،عدليه جو نظام به نٿو سڌري،