ڪراچي (خاص نمائندو) سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي، اطلاعات کاتو وڏي وزير حوالي ٿيڻ جو امڪان، جشن آزادي کانپوءِ وڏي تبديلي شرجيل ميمڻ گهرو وزارت جو اميدوار، ڪجهه صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار، سنڌ ڪابينا متعلق عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جي ڪجهه وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ان ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال، امن امان، ترقياتي اسڪيمن توڙي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگي تي بحث بڻيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل انعام ميمڻ پاران اطلاعات واري وزارت پاڻمرادو ڇڏڻ واري آڇ کانپوءِ اطلاعات کاتي واري اهم وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ سکر سان تعلق رکندڙ هڪ وزير ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته اهي به ڳالهيون هلن پيون ته اطلاعات کاتو وڏي وزير حوالي ڪيو وڃي، ٻي طرف گهرو وزارت وارو قلمدان به ضياءَ لنجار کان وٺي سهيل انور سيال ڏانهن وڃي سگهي ٿو، جڏهن شرجيل ميمڻ به گهرو وزارت جو اميدوار آهي، مليل ڄاڻ موجب سعيد غني کان به هڪ وزارت وڃڻ جو امڪان آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير محمد بخش خان مهر کان به هڪ وزارت وڃڻ واري آهي، اهڙي ريت ممڪن آهي ته ڪجهه نوان چهرا به ڪابينا ۾ شامل ٿي وڃن پر ان سموري تبديلي جي منظوري قيادت ڏيندي، ان سلسلي ۾ قيادت پاران اهم اڳواڻن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن، ممڪن آهي ته جشن آزادي بعد ڪابينا ۾ اهم تبديلي ڪئي وڃي.