پندرنهن سال لاڳيتو حڪومت ڪرڻ باوجود گڊ گورننس قائم نه ڪري سگهجي ته باقي ڇا بچيو؟!

اسان پهريون به ڪيترائي ڀيرا ايڊيٽوريلز ۾ پ پ حڪومت جي بيڊ گورننس جي نشاندهي ڪري چُڪا آهيون ۽ ان تي حيرت جو اظهار ڪندا رهيا آهيون ته لاڳيتو پندرنهن سال حڪومت ڪرڻ باوجود سنڌ سرڪار سنڌ ۾ گڊ گورننس جو مثال قائم نه ڪري سگهي آهي، اڃا به ڏسجي ته سنڌ حڪومت جو  هر ايندڙ ڏينهن، هفتو، مهينو ۽ سال بدکان بدتر ئي نظر اچي ٿو. ايئن ڇو آهي يقينن ان جو جواب  پ پ  جي صوبائي حڪومت، ان جي قيادت ۽ وڏو وزير ئي ڏئي سگهن ٿا ته آخر پندرنهن سالن جو موقعو ملڻ کانپوءِ به حڪومت گڊگورننس ڇو قائم نه ڪري سگهي آهي. ڇا ان ۾ سٺي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، نااهلي آهي يا اقتداري نشي ۾ ڌت رهڻ سبب سندس ايڏانهن ڪو ڌيان ناهي.

حڪومت ڇا کي چئبو آهي ۽ ڪهڙي حڪومت عوام کي پلئه پئي آهي اچو ته پاڻ ان جو جائزو وٺون. ڪنهن به سٺي حڪومت جو پهريون معيار اهو هوندو آهي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ هجي ڇا سنڌ ۾ عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ آهي، ڇا بدامني جو ڪو واقعو ناهي ٿيندو، ڇا سنڌ اندر لاقانونيت جو ڪو تصور ناهي، ڇا سنڌ حڪومت پندرنهن سالن اندر ڌاڙيلن جو خاتمو  آڻي ڇڏيو آهي، ڇا سنڌ ۾ هاڻي ڌاڙيل راڄ ناهي رهيو، ڇا شهرن ۾ ڦرن جا واقعا هاڻي ناهن ٿيندا، ڇا موبائل کسجڻ جا واقعا ختم ٿي ويا آهن،  ڇا ڪنهن به ڏوهه، چوري، قتل غارت جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ قانون پاڻ ئي حرڪت ۾ اچي ويندو آهي، ڇا قاتلن ۽ ڏوهارين کي پنهنجي انجام تي رسايو ويندو آهي، ڇا سنڌ جون عدالتون تڪڙو انصاف مهيا ڪندي ڪيسن کي ترت اڪلائڻ لڳيون آهن، ڇا هاڻي ماڻهو اغوا نٿا ٿين، ڇا دڪاندار ۽ واپاري بنا ڪنهن خوف جي پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا، ڇا پ پ جي  ووٽر هندو برادريءَ کي سنڌ ۾ رهندي ڪو خطرو ناهي، ڇا هتي جي هندو ڇوڪرين جو جبري طور مذهب نٿو مٽايو وڃي، ڇا حڪومتي ادارا ايمانداري سان ڪم ڪن ٿا، ڇا هتان جي حڪومت ۽ حڪومتي ادارا ڪرپشن کان آجا ٿي چُڪا آهن انهن سڀني سوالن جو هڪ ئي جواب ايندو ته ”نه“. هاڻي ته پ پ جي حڪومت کي ڪرپشن جي علامت سمجهيو ويندو آهي، ڌاڙيلن جي سرپرست  به سنڌ حڪومت کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي، سنڌ ۾ هر قسم جي مافيائن پٺيان حڪومتي هٿ سمجهيو ويندو آهي. مطلب ته بيڊ گورننس جون سڀ نشانيون اسان کي سنڌ جي  پ پ حڪومت ۾ ئي جابجا نظر اچن ٿيون.

اسان امن جي حوالي سان ويجهي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت جو مثال ڏئي سگهون ٿا ته اها 2013 جي نواز شريف جي  وزارت اعظميٰ واري مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت آهي جنهن راحيل شريف کان فوجي آپريشن ڪرائي مثالي امن قائم ڪري ڏيکاريو هو. جنهن ۾ هو هر قسم جو ڪرائيم  ختم ٿي ويو هو. ان دور ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي هئي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ملڪ اندر مثالي امن قائم ڪرڻ چاهي ته اها ڪري سگهي ٿي پر هڪڙن سامراجي، سياسي، اقتداري مفادن ڪري ايئن ناهي ڪيو ويندو.

بهرحال مٿيون پاليسيون ڪهڙيون به هجن ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته گڊ گورننس قائم ڪري سگهجي ٿي ڀلي اها ڳالهه وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي مفاد ۾ نه هجي پر عوام اوهان جي اهڙي مثالي حڪومت کي پوءِ ڪڏهن به وساري نه سگهندو ۽ اهڙي حڪومت خلاف ڪا سازش به ٿيندي ته عوام پوءِ ان جي تحفظ ۽ حق ۾ ميدان تي لهي ايندو ۽ پوءِ جيئن  چيو ويندو آهي ته آخري فتح عوام جي  ئي ٿيندي  آهي ته پوءِ عوام جي آڏو ملڪن جون اسٽيبلشمينٽون به گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿينديون آهن سو حڪومتن جي مفاد ۾ اهو ئي آهي ته اهي هر حال ۾  عوام کي فوڪس ڪن ان کي خوش ڪن ۽ ان کي ناراض نه ڪن. حقيقي جمهوريت  جو تصور به اهو ئي آهي ته عوام آڏو حڪمران پاڻ کي نوڪر سمجهن، ان کان ڊڄن ۽ ان کي پاڻ سان ڳنڍي رکن باقي اسٽيبلشمينٽ ته ڪنهن باس وانگر ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪاري ڪري اوهان کي عرش کان زمين تي اڇلائڻ ۾ دير ئي نه ڪندي. ٻيو ته اسان چوندا آهيون ته هر حڪمران، جماعت کي ان احساس وچان حڪومت ڪرڻ گهرجي ته ان کي تاريخ اهو موقعو ڏنو آهي پر اها ڳالهه تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن حڪومتون اقتدار جي نشي مان ٻاهر نڪرنديون.

سو پ پ  جي سنڌ حڪومت جيڪا پنهنجي تاريخ ٺاهي رهي آهي سا بيڊ گورننس ۾ آهي. حقيقت ته اها به آهي ته اها پ پ حڪومت ئي آهي جنهن پنهنجي ناقص ڪارڪردگي سان ڪراچي جهڙي عالمي شهر کي به لاڙڪاڻي جهڙو ڀڳل ٽٽل روڊن ۽ گٽرن جي پاڻي سان روڊن کي تلاءُ بڻائڻ وارو  شهر بڻائي ڇڏيو  آهي جڏهن ته پ پ کي ڪراچي ۾ سونهري ۽ يادگار انتظام سنڀالڻ جو جيڪو تاريخي موقعو مليو آهي تنهن کي اها پنهنجي نااهلي ۽ اقتداري نشي ۾ ڌت هئڻ سبب ضايع ئي ڪري رهي آهي جنهن جو ان کي احساس ڏيارڻ وقت جي ضرورت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.