ذيابطيس جي هڪ نئين ۽ خطرناڪ قسم "ٽائپ 5 ذيابطيس” جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪا خاص طور تي انهن ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي، جيڪي بيماريءَ جي باوجود جسماني طور تي ڏٻرا، سنهڙا يا گهٽ وزن وارا هوندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قسم خاص ڪري انهن علائقن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي ماڻهن کي ننڍپڻ کان ئي گهربل خوراڪ نه ملي هجي، گهڻي قدر ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ ٻين غريب ملڪن جا پٺتي پيل علائقا.
هن بيماري ۾ انسولين جو پيدا ٿيڻ گهٽجي ويندو آهي، پر جسم ۾ انسولين جي مزاحمت نه هوندي آهي، ان ڪري هن جي علاج لاءِ رواجي انسولين جي خوراڪ ڏيڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ رت ۾ شگر جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي سگهي ٿي.
ٽائپ 5 ذيابطيس ۾ مريض عام طور تي ٽائپ 1 يا ٽائپ 2 جي بيمار وانگر ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، نه ئي ان ۾ ٿولهه هوندي آهي ۽ نه ئي انسولين جي مزاحمت، پر اصل مسئلو آهي ته پينڪرياز انسولين ٺاهي ئي نه ٿو سگهي، جيڪو غذائي قلت سبب پوري نموني سان وڌي نه سگهندو آهي.
هن بيماري جي سڃاڻپ لاءِ في الحال ڪا خاص ليبارٽري ٽيسٽ موجود ناهي، انڪري ڊاڪٽر رڳو جسماني حالت، بيماري جي تاريخ ۽ رت ۾ شگر جي سطح ڏسي اندازو لڳائين ٿا.
ماهرن تجويز ڏني آهي ته هن بيماري جي سڃاڻپ لاءِ عالمي سطح تي تحقيق ۽ خاص اسڪريننگ پروگرام هئڻ گهرجن، جيئن اهي ماڻهو به سڃاڻي سگهجن جيڪي هن خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن پر ان بابت بي خبر آهن.
نئين تحقيق موجب اهو خدشو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لکين ماڻهو هن بيماري سان بنا سڃاڻپ جي جيئري رهيا آهن، جن کي نه رڳو صحيح علاج نٿو ملي، پر غلط دوا سبب سندن حياتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.
طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن قسم کي نظرانداز ڪرڻ سان صحت تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو، خاص ڪري غريب ملڪن ۾، جتي خوراڪ جي کوٽ عام آهي. ان ڪري هن نئين قسم جي ذيابطيس کي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ ۽ ان جو مخصوص علاج ۽ آگاهي مهم شروع ڪرڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي.