لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي خابرو اداري رائٽرز پاڪستان طرفان ڀارت جا جديد ترين جهاز ڪيرائڻ جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چيني پي ايل 15 ميزائل بابت ڀارتي انٽيليجنس جي ناڪامي رافيل ڪرڻ جو سبب بڻي، رافيل جي تباهي اولهه جنگي جهازن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا.
رپورٽ موجب 7 مئي جي رات پاڪستان ايئر فورس جي ريڊار تي ڀارت جي ڪيترن ئي جهازن جي پوزيشن ڏٺي وئي، پاڪستان فضائيا سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ڀارتي حملي کي ڏسندي ڪيترن ئي ڏينهن کان آپريشن روم ۾ موجود هو، ڀارتي جهازن جي چرپر ڏسڻ کانپوءِ ايئر چيف چيني جي 10 سي جهاز روانا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
خبر ايجنسي ٻڌايو ته پاڪ فضائيا سربراهه خاص طور تي ڀارت جي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ڀارت جي رافيل جهاز کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي.
رپورٽ موجب ايئر چيف ظهير بابر جي حڪمن بابت پاڪ فضائيا جي سينيئر آفيسر انڪشاف ڪيو ته هن چيو رافيل ئي گهرجي، پاڪستاني ايئر چيف جي حڪم تي پاڪستان ڀارت جو رافيل جهاز ڪيرايو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 مئي جي رات 110 جهازن تي ٻڌل ڏهاڪن جي سڀ کان وڏي فضائي ويڙهه ٿي، پاڪ فضائيا رافيل جهاز کي 200 ڪلو ميٽر پري کان نشانو بڻايو، رافيل جهاز جي تباهي کانپوءِ فرانسيسي ڪمپني جا شيئر ڪري پيا هئا.
رپورٽ موجب ڀارتي اختيارين اعتراف ڪيو ته ڀارتي انٽيليجنس ناڪامي سبب ڀارتي پائلٽس کي غلط فهمي ٿي، پي ايل 15 ميزائل جي رينج ڀارتي اندازن کان وڌيڪ نڪتي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان جنگ ۾ ڪامياب اليڪٽرانڪ وار فيئر حملي جي دعويٰ ڪئي، پاڪ – ڀارت جنگ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن طرفان چيني ويڙهاڪ جهازن جي خريداري ۾ دلچپسي ورتي پئي وڃي.
پاڪستان ڀارت جا جديد ترين ويڙهاڪ جهاز ڪيئن ڪيرايا؟ برطانوي ايجنسي ذرو ذرو ٻڌائي ڇڏيو
You might also like