ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هزارين رپين جي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 6 هزار 100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 59 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 5 هزار 229 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار 784 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 61 ڊالر واڌ سان 3 هزار 363 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like