ممبئي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اينڪر ۽ ميزبان مبشر لقمان دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان ۽ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي وچ ۾ جلد طلاق ٿي ويندي.
سوشل ميڊيا تي مبشر لقمان جو هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو سيف ۽ ڪرينا جي شادي شده زندگي، ڀارت ڇڏڻ ۽ قطر منتقل ٿيڻ بابت دعوائون ڪندي نظر اچي ٿو.
مبشر لقمان جو چوڻ هو ته ” اسان کي ڀارت ۾ موجود ميڊيا جي ڪوئن وٽان خبر ملي آهي ته سيف ۽ ڪرينا جي طلاق ٿيڻ واري آهي، ڇو ته سيف سڳ سوڌو پڪڙجي پيو هو ۽ جنهن مٿس حملو ڪيو اِها ڪرينا پاڻ هئي.“
مبشر لقمان وڌيڪ چيو ته سيف قطر جي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو قطر شفٽ ٿيڻ چاهي ٿو، پر ڪرينا ان ڳالهه لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپا بگڙي ويا آهن ۽ ڳالهه طلاق تائين پهچي چڪي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته ان کان ڪجهه مهينا اڳ به هڪ ڀارتي نجومي سشيل ڪمار سنگهه طرفان ڀارتي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي طلاق جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جنهن ڪرينا ۽ سيف جي مداحن کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
سشيل ڪمار سنگهه هلندڙ سال مارچ ۾ ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ جوڙي جي رشتي بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته سيف ۽ ڪرينا ايندڙ ڏيڍ سال اندر ڌار ٿي ويندا.
هن 2010ع ۾ ڪيل پنهنجي اڳڪٿيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون 2010 ۾ پنهنجي بلاگ ۾ لکيو هو ته هيءَ شادي نه هلندي ۽ ڌار ٿيڻ ٻنهي جي ”ڪُنڊليءَ“ ۾ لکيل آهي.
ياد اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان جي جوڙي کي بالي ووڊ جي ڪامياب ۽ خوشحال جوڙن منجهان هڪ سمجهيو ويندو آهي. ٻنهي 2012 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي.