ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي ايران ۽ عراق جي زائرين لاءِ چارٽر اڏامون هلائڻ جو فيصلو ڪندي اڏامن لاءِ فضائي ڪمپنين کان درخواستون گهري ورتيون.
سي اي اي موجب زائرين کي فضائي سفر ذريعي سهولت ڏني ويندي، چارٽر لائسنس رکندڙ فضائي ڪمپنيون ايران ۽ عراق لاءِ چارٽر سروس جون مجاز آهن.
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته هلندڙ سال اربعين لاءِ زائرين زميني رستي ايران ۽ عراق نه وڃي سگهندا، زائرين فضائي سفر ڪري سگهن ٿا، اهو فيصلو عوام جي تحفظ ۽ نيشنل سيڪيورٽي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.
ايران ۽ عراق جي زائرين لاءِ چارٽر اڏامون هلائڻ جو فيصلو، فضائي ڪمپنين کان درخواستون طلب
You might also like