ڀارت فيٽف ۾ علي امين گنڊاپور جو بيان پاڪستان خلاف ثبوت طور جمع ڪرائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان پاڪستان خلاف ثبوت طور جمع ڪرائي ڇڏيو.
فيٽف اختيارين موجب ڀارت طرفان علي امين گنڊاپور جو بيان جمع ڪرايو ويو آهي.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير الزام هنيو هو ته اسان طالبان کي گرفتار ڪندا آهيون پر ادارا انهن کي آزاد ڪري ڇڏيندا آهن.
ڀارتي حڪومت ايف اي ٽي ايف ۾ علي امين گنڊاپور جي ان بيان کي پنهنجي موقف جي تائيد قرار ڏيندي پاڪستان کي گري لسٽ ۾ وجهڻ جي درخواست ڪئي آهي.
فيٽف اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت بيان جي بنياد تي موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان دهشتگردن کي سپورٽ ڪندو آهي، ڀارت علي امين گنڊاپور جي بيان کي پاڪستان خلاف چارج شيٽ قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته آڪٽوبر 2022 ۾ فيٽف پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو هو، پاڪستان 2018 کان گري لسٽ ۾ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.