پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ۾ آزاد اميدوار مشعال يوسفزئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي، اها سيٽ سينيٽر ثانيا نشتر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي.
غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مشعال يوسفزئي کي 86 ووٽ مليا، کيس صوبائي اسيمبلي ۾ حڪومتي حمايت حاصل هئي.
ضمني چونڊ ۾ ايوان جي 145 مان 143 ميمبرن ووٽ وڌا، 3 ووٽ رد ٿيا، جڏهن ته اپوزيشن جي حمايت يافتا مهتاب ظفر کي 53 ووٽ مليا، آزاد اميدوار صائما خالد کي رڳو هڪ ووٽ مليو.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه مان عورتن جي مخصوص سيٽ تي ٿيندڙ سينيٽ جي ضمني چونڊ لاءِ مشعال يوسفزئي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي هئي.
Next Post
You might also like