ملير: بلوچستان واسي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو معصوم ٻار سميت قتل

ملير: بلوچستان واسي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو معصوم ٻار سميت قتل، وڏي وزير جو نوٽيس
ملير (ويب ڊيسڪ ) ملير جي علائقي گهگر ڦاٽڪ ويجهو بلوچستان واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ۽ سندن معصوم ٻار کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو.
اطلاعن موجب، مقتولن جي سڃاڻپ مجيد وڌيو، سندس زال سڪينا ۽ معصوم پٽ عبدالنبي طور ٿي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

علائقي واسين ٻڌايو ته مجيد ۽ سڪينا پسند جي شادي بعد مائٽن جي ڊپ سبب ڪراچيءَ ۾ اچي پناهه ورتي هئي
علائقي واسين دعويٰ ڪئي ته جوڙو ۽ ٻار مائٽن طرفان قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان جوڙي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.