شاهد حامد قتل ڪيس مان متحده اڳواڻ بري

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت 28 سالن بعد ڪي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن (ڪي اي ايس سي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شاهد حامد جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت، ثبوت نه هئڻ سبب نائين زيرو جي اڳوڻي سيڪيورٽي انچارج منھاج قاضي ۽ محبوب غفران کي آجو ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ الزام هو ته ملزمان 1997ع ۾ ڪي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن جي ايم ڊي شاهد حامد کي قتل ڪيو۔ پراسيڪيوشن مطابق، صولت مرزا کي 1999ع ۾ عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي۔ ڪيس جي مرڪزي جوابدار صولت مرزا کي 2015ع ۾ ڦاسي ڏني وئي، جڏهن ته 2016ع ۾ پوليس منھاج قاضي ۽ محبوب غفران کي گرفتار ڪيو هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.