شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني گهٽجي نه سگهي، مزدا ڊرائيور ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل، گذريل رات دير سان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان ٻرڙو ڀرسان ٻرڙا اسٽاپ تي نامعلوم ھٿياربندن روڊ تي رڪاوٽون وجهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي، هٿياربند ڦورن سبزي سان ڀريل مزدا مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ خضدار جي علائقي زهري جو رهواسي ڊرائيور شاهنواز بروهي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو جنهن جو لاش مدئجي اسپتال آندو ويو جتي مزدا جي ڪلينر طفرالله بروهي ٻڌايو ته خضدار مان سبزي لوڊ ڪري سکر وڃي رهيا هئاسين ته ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي هٿياربندن رڪاوٽون وجهي بيٺل هئا مزدا کي ڏسي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي جنهن اسان جو ڊرائيور موقعي تي قتل ٿيو آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته مسافر آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي…ٻئي طرف ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مان رات دير سان هٿياربندن پاران ڦر دوران گوليون لڳڻ سبب مزدا ڊرائيور شاهنواز بروهي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او ڳاهيجا مختيار جيهو، خانگي فورس جي انچارج عثمان پنهور جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ آباد ڪيهر ۾ ڪيهر برادري جي گهرن تي چڙهائي سرچ آپريشن ڪئي وئي آهي، پوليس چيني عرف عنايت الله ڪيهر جي گهر کي ڪڙو چاڙهي 6 عورتن ۽ 3 ٻارڙن کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب رات دير سان ڦر واقعي جا پيرا ڳوٺ آباد ڪيهر ۾ لڳا آهن جتي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪڙو چاڙهيو آهي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي وڌيڪ آپريشن هلندڙ آهي. 03