علائقائي ڪرڪيٽ لاءِ نئين فٽنيس ٽيسٽ پاليسي متعارف، رانديگرن کي ڇا ڇا ڪرڻو پوندو ؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ نئين فٽنيس پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي.
پي سي بي پاليسي تحت سال 26-2025 سيزن کان اڳ سمورن ريجنل رانديگرن جي فٽنيس ٽيسٽ کي لازمي قرار ڏنو آهي.
اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچز آگسٽ ۾ چار سئو ريجنل رانديگرن جي فٽنيس جو جائزو وٺندا، جڏهن ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ٽيمن لاءِ پڻ فٽنيس ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اِهو پهريون ڀيرو هوندو جو پي سي بي ڊپارٽمينٽل ٽيمن جي فٽنيس ٽيسٽ به پاڻ وٺندو.
ان کانسواءِ پاٿ ويز ۽ ايج گروپ ڪرڪيٽ لاءِ به نئين فٽنيس پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي، سمورن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن لاءِ فٽنيس ٽيسٽ پهرين يا ٻي ڪوشش ۾ پاس ڪرڻ ضروري هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.