ڪراچي(رپورٽر) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جون 2 شگر ملون آهن، کنڊ ڄاڻي واڻي ايڪسپورٽ ڪرائي وئي، مسئلو کنڊ جو نه پر مصلحت جو آهي، پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي شگر ايڊوائزري بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، مون تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سال 2019ع ۾، جڏهن بي آءِ ايس پي جو پروگرام ٿيو، مان جيل ۾ هئس، ان سال هن پروگرام لاءِ 5 ارب نه پر 20 ارب رپيا رکيا ويا هئا، ۽ مون کان پوءِ اسحاق ڊار ۽ محمد اورنگزيب مسلسل رقم وڌائيندا رهيا، جيڪڏهن غلطي منهنجي آهي ته پوءِ اسحاق ڊار ۽ محمد اورنگزيب جي به آهي، طارق فضل سينيٽ ۾ جيڪو جواب ڏنو، اهو ڪوڙ تي ٻڌل هو، طارق فضل چوڌري کي چيم ته هو معافي وٺي يا عدالت ۾ منهن ڏي، هن چيو ته بجلي جي اوور بلنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا هڪ زيادتي آهي، ڇا مون اوور بلنگ ڪئي آهي؟ جنهن ڪئي آهي، ان کي پڪڙيو، مان سچ ڳالهائيندو رهندس.