ڪراچي (رپورٽر )ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ليڊي پوليو ورڪرز جو برطرفي ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرو ڪندڙن چيو تھ اسان کي ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي يوسي 3 اسلام نگر مان برطرف ڪيو ويو آهي، ھنن چيو تھ ڏهن سالن کان پوليو جون ڊيوٽيون ڪيون هاڻي بغير ڪنھن سبب جي برطرف ڪيو ويو آهي، ڊبليو ايڇ او جي چپ پروگرام تحت ڊيوٽيون ڪيون پر پوليو پروگرام جي اداري چپ برطرف ڪيو آهي جيڪا ناانصافي آهي، ليڊي پوليو ورڪرن چيو تھ 200 کان وڌيڪ پوليو ورڪرز کي برطرف ڪري گهرن جا چلها وسائي ڇڏيا آهن، پوليو ورڪرن م ڪيتريون ئي عورتون بيواهو آهن جن جو گذارو هن پوليو نوڪري تي آهي، اسان کي پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ننڍڙا ٻچا آهن خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، اسان جو ڊبليو ايڇ او جي پروگرام چپ کي گذارش آهي ته ته روزگار بحال ڪيو وڃي ٻئي صورت پاڻ سميت بارن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسون.