دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ 2025ع جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان، ڀارت، يو اَي اي ۽ عمان کي گروپ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته بنگلاديش، سريلنڪا، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ گروپ بي ۾ شامل آهن.
ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ 9 سپٽيمبر تي افغانستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان 12 سپٽيمبر تي تي عمان خلاف ميدان تي لهندو، ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ 14 سپٽيمبر تي کيڏي ويندي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ 17 سپٽيمبر تي گڏيل عرب امارتن خلاف کيڏندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين گڏيل عرب امارتن ٿيندو..