لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه محسن نقوي ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين گڏيل عرب امارتن ٿيندو.
ان کان اڳ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ايشيا ڪپ بابت سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ٽورنامينٽ جو شيڊيول ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
رپورٽ موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس دوران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ٽورنامينٽ جي شيڊيول لاءِ وقت گهريو هو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، ايشيا ڪپ ۾ ڪل 8 ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته تجويز ڪيل ونڊو 10 کان 28 سيپٽمبر جي وچ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ شيڊيول بابت ابتدائي اعلان اڄ ڪرڻ جو امڪان آهي.