برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئنز شپ آف ليجنڊز (ڊبليو سي ايل) ۾ اڄ ٿيندڙ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ختم ڪئي وئي آهي. ٽورنامينٽ انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اڄ آچر تي برمنگهم ۾ ميچ شيڊيول هئي جيڪا رد ڪئي وئي آهي.
ڊبليو سي ايل طرفان ميچ رد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان-ڀارت ميچ جون ٽڪيٽون خريد ڪندڙ شوقينن کي رقم جي واپسي جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
واضح رهي ورلڊ چيمپيئنز آف ليجنڊز جي پهرين ميچ ۾ محمد حفيظ جي قيادت ۾ پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏني هئي.
ذريعن موجب، ڀارت طرفان پهريان اِهو مطالبو ڪيو ويو هو ته شاهد آفريدي کي پليئنگ اليون جو حصو نه بڻايو وڃي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌون، سُريش رائنا، يوسف پٺان، عرفان پٺان ۽ هرڀجن سنگهه ميچ کيڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي.
ڀارتي ميڊيا ۾ به اهو شور مچايو ويو ته پاڪستان خلاف ميچ کيڏڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، دٻاءُ وڌڻ کانپوءِ اتنظاميا ميچ رد ڪرڻ کي ئي مناسب سمجهيو. ٽورنامينٽ جون باقي ميچون شيڊيول تحت کيڏيو وينديون .
You might also like