ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي والار، بدامني ۽ جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، گهوٽڪي ۾ حبيب الله گھوٽو، محبوب علي گھوٽو، رحيم ڪليري، يوسف ڪلوڙ، وهاب سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ اشرف ڪلهوڙو، فدا حسين پنهور، آفتاب ميراڻي، ارشاد ملگاڻي، فراز کهاوڙ، راحب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پڊعيدن ۾ نويد اڄڻ، مجاهد لاشاري، رفيق راڄپر، ارشاد سولنگي، راشد سولنگي، عاشر راڄپر، محمد علي لاشاري، حفيظ راڄپر ۽ ماجد لاشاري جي اڳواڻي ۾ نصرت ڪئنال پل کان يونائيٽيڊ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي سالار سولنگي ۽ ٻين ڪئي، ٺٽي ۾ پريس ڪلب اڳيان اياز شاهه، دلدار ھالو، ارباز بلوچ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ھٿن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريباز ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيل ۾ باندي بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ 21 ڏينهن اڳ نوابشاهه مان بشير شر، ثناءَ الله لاشاري، سهيل پلهه، رستم شر ۽ عمران چانڊيو کي کنڀي گم ڪرڻ بعد 11 ڏينهن بعد گرفتاري ظاهر ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهي ته ٻئي طرف جساف جي مرڪزي اڳواڻ درياهه پنهور، جساف سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ مور شاهه، دادو ضلعي جي جسقم اڳواڻ منصور جمالي، سالار سولنگي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسين گهر ٿا ڪيون ته سمورن اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين َآزاد ڪيو وڃي ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.