”نواز الدين صديقي بيماريءَ ۾ پٽن وانگر خدمت ڪئي“ پاڪستاني اداڪارا جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار محمود اختر انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن کيس يورپي ملڪ بلغاريه ۾ دل جو دورو پيو هو، تڏهن ڀارتي اداڪار نوازالدين صديقي ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهندي سندس تيمارداري ڪئي هئي.
هڪ پروگرام دوران محمود اختر ٻڌايو ته هو ڪيترائي سال اڳ هڪ فلم جي شوٽنگ لاءِ بلغاريه ۾ موجود هو، جتي اوچتو کيس دل جي تڪليف ٿي.
فلم جي ٽيم جا اڪثر ميمبر ڀارت سان تعلق رکندڙ هئا ۽ شوٽنگ جو ايندو مرحلو ٻئي شهر ۾ طئي ٿيل هو، تنهنڪري پوري ٽيم کيس اسپتال ۾ ڇڏي رواني ٿي وئي.
اداڪار ٻڌايو ته ان وقت رڳو هڪ شخص سندس ڀر موجود رهيو، جيڪو نه روپ اسپتال ۾ ساڻس گڏ رهيو، پر رات ڏينهن سندس تيمارداري به ڪندو رهيو. اهو شخص نوازالدين صديقي هو.
محمود اختر چيو ته نوازالدين صديقي مسلسل 10 کان 12 ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهيو ۽ سندس هر ضرورت جو خيال رکيو.
هن چيو ته نوازالدين جي محبت کيس اڄ به پنهنجي ٻارن جهڙي لڳي ٿي.
هن اهو به چيو ته نوازالدين جو خلوص ۽ جذبو سڄي عمر نه وساري سگهندس، اهو اهڙو ٿورو آهي جيڪو وساري به نٿو سگهجي.
محمود اختر ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس پٽ اسپتال پهتو، جنهن کانپوءِ نوازالدين واپس هليو ويو.
ان کانپوءِ ٻنهي جي ٻيهر ملاقات يا ڳالهه ٻولهه ته نه ٿي پر پوءِ نوازالدين هڪ ڀارتي ٽي وي شو ۾ ان واقعي جو ذڪر ڪيو.
پروگرام دوران محمود اختر پنهنجي ذاتي زندگي جي ڏکن بابت به ويچاريو ۽ چيو ته سندس ماءُ جي وفات زندگي جو سڀ کان وڏو صدمو هو، ۽ ان جي ٻئي سال ئي سندس اڪيلي ڀيڻ به لاڏاڻو ڪري وئي.
اداڪار چيو ته انهن ٻنهي جي وفات بعد پاڻ کي تپندڙ اُس ۾ سڙندي محسوس ڪيو، هڪ اهڙي هيکلائي جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.
محمود اختر انڪشاف کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نوازالدين صديقي جي انسان دوستي ۽ همدرد طبيعت جي ساراهه ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.