کنڊ اسڪينڊل:چار سئو ارب رپين جو ڌاڙو، حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام؟

اسلام آباد(حماد حسن)حڪومت روز عوام تي مهانگائي جا وار ڪري رهي آهي جڏهن اخبارون ۽ ميڊيا تي پڙهون ٿا ته ايئن لڳي ٿو ته معيشت پوري دنيا کي فتح ڪري ڇڏيو آهي،،اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ناڻي جا ذخيرا آسمان کي پهچي رهيا آهن،پر زميني حقيقتون ڏسون ٿا ته ماڻهن جون رڙيون نڪتل آهن،امن امان جي صورتحال خراب آهي،بلوچستان ۾ پنجابين کي بسن مان لاهي قتل ڪيو پيو وڃي،کنڊ جو اصل اگهه 90 رپيا آهي،جيڪڏهن هڪ رپيو به واڌ ٿئي ته شگر مافيا کي 5 ارب 72 ڪروڙن جو فائدو ٿئي ٿو،هتي اگهه 70 کان 80 رپيا ڪلو تي وڌيو آهي،اندازو لڳايو ته ٽي ساڍا ٽي سئو ارب رپين جو گهپلو ڪنهن ڪيو آهي؟شگرملون ڪهڙن خاندانن جون آهن؟گئس،بجلي،ايل پي جي جنهن شئي جو اگهه ڏسو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي،هن حڪومت جي ڪهڙي ڪاميابيآهي؟ عوام لاءِ ڪهڙي آساني پيدا ڪئي وئي آهي؟عوام کي امن ڏيڻ،مهانگائي گهٽائڻ،جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ هڪ به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 16 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.