نوان ۽ جديد ڊيزائن وارا ڪرنسي نوٽ جاري، حقيقت ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه اها خبر تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 2025 جي آخر تائين 10، 20، 50، 100، 500، 1000 ۽ 5000 رپين جا نئين ڊيزائن وارا جديد ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وائرل پوسٽن ۾ اها دعويٰ به ڪئي وئي ته 2024 ۾ ڳجهي آرٽ مقابلو ڪرائي ڊيزائن جي چونڊ ڪئي وئي.
نون ۽ جديد ڊيزائن جي ڪرنسي نوٽن تي اسٽيٽ بينڪ اهم بيان جاري ڪيو آهي.
اسٽيٽ بينڪ ترجمان چيو آهي ته اسان وٽ 2025 ۾ ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن تبديل ڪرڻ يا پوليمر نوٽيس جي تجربي جو ڪو منصوبو ناهي.
ترجمان خبردار ڪيو آهي ته اهڙا افواهه فراڊ ۽ مالي نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا، اسٽيٽ بينڪ سائبر اختيارين سان گڏجي اها جعلي خبر پکڙيندڙن جو پتو لڳائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.