ڪراچي مان هڪ ٻي عورت جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شرافي ڳوٺ ۾ ملير ندي وٽ روڊ تي پيل پاسٽڪ جي ڊرم مان عورت جو هٿ پير ٻڌل، تشدد ٿيل ۽ سڙيل لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب جوابدارن عورت جي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ سندس چهرو به ساڙي ڇڏيو هو، لاش ڊرم مان ڪڍي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت جي عمر لڳ ڀڳ 35 سال آهي ۽ لاش 15 کان 20 ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي.
پوليس جي ڪرائم سين يونٽ شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ موت جو ڪارڻ سامهون ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.