لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن جي غير شفاف عمل تي سخت سوال اٿاري ڇڏيا.
هڪ اسپورٽس پروگرام دوران ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته هر چوٿين مهيني ڪپتان، سليڪٽر ۽ ڪوچ تبديل ٿي رهيا آهن، ڪو به مستقل نظام نظر نٿو اچي، نه ئي ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو معاملن کي صحيح رستي تي وٺي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جي پسند ۽ ناپسند تي ٿيندڙ فيصلن جو نقصان پوري ٽيم کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
ڪامران اڪمل ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا حوالي ڪرڻ ۽ امڪاني طور تي کيس ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جي خبرن تي به سخت خدشا ظاهر ڪيا.
هن چيو ته سلمان علي آغا هڪ فارميٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان جو اهو مطلب ناهي ته کيس ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان بڻايو وڃي، هو اڃا نئون آهي، کيس سکڻ ڏنو وڃي.
ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته اسان بنگلاديش کي هارائي سمجهي ورتو ته ورلڊ ڪپ کٽي ورتو آهي، اهڙي سوچ اڳ به سرفراز احمد جي دور ۾ ڏسڻ ۾ آئي هئي.
You might also like