ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلم پروڊيوسر، ليکڪ ۽ هدايتڪار جمشيد محمود عرف جامي جي سزا معطل ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمشيد محمود جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ماتحت عدالت طرفان ڏنل سزا معطل ڪندي جامي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
جمشيد محمود جي وڪيل حافظ محمد يحيٰ ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته جامي کي اڄ جيل مان آزاد ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ايڊيشل سيشن جج ڊائريڪٽ شڪايت تي جمشيد محمود عرف جامي کي ٻه سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.
جمشيد محمود خلاف فلم ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر سهيل جاويد طرفان ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ڊائريڪٽ شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي.
					You might also like
		
	
	
					 
			