لاڙڪاڻي جو ميئر به ڌاڙيلن جي ريڊار تي، مهيني ۾ ٻيو ڀيرو ڦر

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ رڳو عام ماڻهو نه پر عوامي نمائندا به غير محفوظ بڻجي ويا ۽ ميئر کي ڌاڙيلن هڪ مهيني اندر ٻيو ڀيرو ڦري ورتو.
ڌاڙيلن لاڙڪاڻي جي ميئر ايڊووڪيٽ انور لهر جي سپر اسٽور تان ڦر جي وڏي واردات ڪئي، اهو واقعو نادرا آفيس ڀرسان حيدري ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي ڌاڙيلن هٿيارن جي زور تي سپر اسٽور سان ڦرلٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.
ايڊووڪيٽ انور لهر ان واردات تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ميئر جي ترجمان طرفان چيو ويو آهي ته هڪ مهيني ۾ ٻي واردات ڳڻتيءَ جوڳي آهي، پهرين واردات جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي پر اڃا تائين ريڪوري ناهي ٿي.
هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي ميئر جو واسطو ڪاروباري خاندان سان آهي، ان جا پيٽرول پمپ، سپر اسٽور ۽ ٻيا ڪاروبار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.