سپريم ڪورٽ بينڪ واهپيدار جي اڪائونٽ ۾ آيل رقم جي تشريح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بينڪ واهپيدارن جي اڪائونٽن ۾ ايندڙ پيسي جي تشريح ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فيصلو جاري ڪيو.
فيصلو جسٽس محمد شفيع صديقي لکيو، جنهن موجب بينڪ اسٽيٽمينٽ ۾ ظاهر ٿيندڙ پيسو آمدني جو ثبوت ناهي، بينڪ اسٽيٽمينٽ رڳو ڏي وٺ جو رڪارڊ هوندو آهي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڏي وٺ جي رڪارڊ جو اهو مطلب ناهي ته اها آمدني ئي آهي، بينڪ اسٽيٽمينٽ ۾ ظاهر ڏي وٺ کي آمدني جي حتمي ڄاڻ قرار نٿو ڏئي سگهجي.
عدالت عظميٰ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بينڪ اسٽيٽمينٽ ۾ ظاهر ڪيل ڏي وٺ جو رڪارڊ تڏهن آمدني بڻجندو، جڏهن تصديق جوڳيون شاهديون موجود هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.