98 هين اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ پاڪستاني فلمسازن کان درخواستون طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي 98هين اڪيڊمي ايوارڊز (آسڪر) جي عالمي فيچر فلم ايوارڊ جي ڪيٽيگري لاءِ پاڪستاني فلمسازن کان 15 آگسٽ تائين فلمون جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بين الاقوامي فيچر فلم جي ڪيٽيگري ۾ اهڙين فلمون شامل ڪيون وينديون آهن جيڪي آمريڪا کان ٻاهر تيار ٿين ۽ جن جي ڊائيلاگ جو گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو حصو غير انگريزي ٻوليءَ ۾ هجي.
ان ڪيٽيگري ۾ اينيميٽيڊ ۽ دستاويزي فلمون به شامل ڪري سگهجن ٿيون، پر شرط اِهو آهي ته اهي اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز (اَي ايم پي اَي ايس) جي مقرر ڪيل معيار تي پورو لهن.
پڌرائيءَ موجب، سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر نجي نامزدگين ۽ سفارش جي بنياد تي چونڊيا ويندا آهن، جن ۾ فلم انڊسٽري سان واڳيل ور ماڻهو، فلمساز، فنڪار ۽ فني ماهر شامل هوندا آهن.
ڪميٽي جو چيئرمين، ڪميٽي جي امڪاني ميمبرن جي فهرست عالمي فيچر فلم ايگزيڪٽيو ڪميٽي کي منظوري لاءِ پيش ڪندو آهي.
ڪميٽي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته هر ميمبر انفرادي طور تي سڀ فلمون ڏسي ۽ ووٽ ڏئي، جنهن جو طريقيڪار اڪيڊمي جي ظابطن موجب ٿيندو آهي.
ان کانپوءِ چيئرمين ۽ سندس ٽيم ووٽن جي ڳڻپ ڪندي آهي اڪيڊمي سان گڏجي ان عمل ۾ سهڪار ڪندي آهي ته جئين فلمساز پنهنجون فلمون ڪاميباي سان جمع ڪرائي سگهن، جنهن کانپوءِ ڪميٽي هڪ فلم کي پاڪستان جي سرڪاري آسڪر نامزدگي طور چونڊيندي آهي.
گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان طرفان جيڪي فلمون نامزد ٿيون، انهن ۾ ”دي گلاس ورڪر“، ”جواءِ لينڊ“ ۽ ”ان فليمز۾ شامل آهن.
اهليت لاءِ ضروري آهي ته فلم 1 آڪٽوبر 2024ع کان 30 سيپٽمبر 2025ع جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن تائين ڪنهن به ڪمرشل سئنما ۾ عام نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هجي، ڀلي اِها نمائش ملڪ جي اندر يا ٻاهر ( آمريڪا ۽ ان جي انتظام علائقن کانسواءِ ) ڪئي وئي هجي.
اهو به ضروري آهي ته فلم جي نمائش دوران ٿيٽريڪل ورڇ جا رواجي طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ مناسب مشهوري ڪئي وڃي.
اهي فلمون جيڪي سئنما رليز کان اڳ ڪنهن به غير ٿيٽريڪل پليٽفارم تي جهڙوڪ ٽي وي، ڪيبل، اسٽريمنگ، آن لائين يا ايئر لائين انٽرٽينمينٽ تي ڏيکاريون ويون هجن، اهي نااهل قرار ڏنيون وينديون.
فلمسازن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سمورن ظابطن جو ڌيان سان جائزو وٺن ۽ فني ۽ نمائش سان لاڳاپيل سڀ گهرجون پوريون ڪن.
واضح رهي ته فلم ۾ گهڻو ڪري ڊائيلاگ غير انگريزي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجن ۽ سڀني فلمون ۾ صحيح ۽ واضح انگريزي سب ٽائيٽلز هئڻ لازمي آهي.
تفصيلي هدايتون اڪيڊمي ايوارڊز جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن ته فلم موڪلڻ لاءِ فارم، هدايتون يا سوال لاءِ هيٺ ڏنل اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو:

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.