کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت جو 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو.
خوراڪ جي تحفظ واري وزارت موجب، کنڊ جي درآمد سرڪاري شعبي ذريعي ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ترت عملدرآمد شروع ڪيو پيو وڃي.
وزارت موجب، اِهو قدم کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڀيري کنڊ جي درآمد جو طريقيڪار ماضي کان مختلف ۽ وڌيڪ بهتر حڪمت عملي تي ٻڌل آهي، ماضي ۾ اڪثر مصنوعي کوٽ پيدا ڪري کنڊ تي سبسڊي ڏني ويندي هئي.
خوراڪ واري وزارت جو چوڻ آهي ته جڏهن ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار موجود هئي، تڏهن برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر هاڻي قيمتن کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ کنڊ درآمد ڪئي پئي وڃي.
مارڪيٽن ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ
ٻئي پاسي ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽن ۾ کنڊ جو اگهه 179 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي ۽ کنڊ جي اگهه ۾ عاشورن کانپوءِ في ڪلو 3 رپيا واڌ ٿي آهي.
ڪراچي ۾ 15 مئي کان وٺي هيل تائين هول سيل مارڪيٽن ۾ کنڊ 13 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ريٽيل بازار ۾ کنڊ 190 رپيا کان 200 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته 15 مئي تي ڪراچي جي ريٽيل سطح تي کنڊ 170 رپيا في ڪلو تي وڪرو ٿي رهي هئي، ۽ هاڻي ريٽيل ۾ کنڊ جو اگهه 20 کان 30 رپيا في ڪلو تائين وڌي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.