ملڪ کي برابري واري جمھوريت گھرجي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ملڪ کي برابري واري جمھوريت گھرجي، اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ سميت ننڍن صوبن جا وسيلا ھڙپ ڪيا ويا آھن، قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبا غربت جي دلدل ۾ ڦاسي پيا آھن، اقتدار ۽ ڪرپشن جي بدلي ۾ عوام دشمن ماڻھو اقتدار تي مسلط ڪيل آھن، هن چيو ته سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي، بلوچستان جا وسيلا بلوچ عوام جا آھن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي دولت اتي جي عوام جي آھي، سنڌ مان جتان گئس نڪري ٿي اتي جا اڪثر علائقا گئس جي بنيادي حق کان محروم آھن. ٿر سميت سنڌ ۾ ٺھندڙ بجلي پنجاب ۾ سياسي مفادن لاءِ مفت ڏني وڃي ٿي پر سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو عذاب آھي، سنڌ سان مسلسل ناانصافي ڪئي پئي وڃي، پنھنجي حصي جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي، جنھنڪري سنڌ جي زراعت تباھ ٿي وئي آھي، ساريون ۽ ٻين فصلن لاءِ سنڌ کي پنھنجو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي، نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون، ميرٽ ناھي. تعليم جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آھي، حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.