لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) هاءِ پرفارمينس جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته ڪنهن به فارميٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي حالت سٺي نه آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪنهن به فارميٽ ۾ حالت سٺي ناهي.
هن ٻڌايو ته اسڪلس ڊيولپمينٽ ڪئمپ جو اڄ آخري ڏينهن هو، جنهن ۾ رانديگرن جو ڪوچن سان ابتدائي تعارف ٿيو، ٽئين مرحلي ۾ گهڻو ڪري شاهينز جا رانديگر شامل آهن، جن کي انگلينڊ وڃڻو آهي، مقصد اهو آهي ته آف سيزن دوران به رانديگر ايڪشن ۾ رهن.
عاقب جاويد چيو ته هي سلسلو هتي ختم نه ٿيندو، ان جا ٻه وڌيڪ پروگرام به ٿيندا، شاهينز کي آسٽريليا جو دورو ڪرڻو آهي، ان جي به تياري ٿيندي ۽ ريڊ بال وارن رانديگرن جي به تياري ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ڇهه ست ڏينهن ۾ رانديگرن جون غلطيون درست نه ٿينديون، پر انهن کي ٻڌايو ويندو ته کين ڇا ڪرڻ گهرجي، آل رائونڊرن ۽ فاسٽ بالرن جو انگ وڌائڻو آهي، ڪئمپ جو مقصد به اِهو ئي آهي، هي سلسلو آڪٽوبر تائين جاري رهندو.
هن چيو ته ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو نئون سرڪل شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جا سٺا امڪان آهن، هر ٽيم پنهنجي گهرو حالتن مان فائدو وٺندي آهي، ٽيم جي اعلان تي گهڻو ڪم ٿي ويو آهي، جلد اعلان ڪيو ويندو.
عاقب جاويد چيو ته سڀني رانديگرن کي موقعو ملندو، اهو عمل هتي نه بهيندو، سڀني کي پنهنجي مهارتن کي بهتر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
هن چيو ته سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته آل فارميٽ ۾ اسان جي حالت سٺي ناهي. ڪنهن به ٽيم کي هلڪو نٿو وٺي سگهجي، بنگلاديشي ٽيم به پنهنجي ملڪ ۾ سٺو کيڏي ٿي، ان لاءِ به مڪمل تياري ڪئي ويندي.
هن چيو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان سان به ڳالهايو ويو آهي ته انهن کي ڪهڙي بهتري جي ضرورت آهي، ٻئي سينئر رانديگر آهن، انهن سان هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته ان کي ڪيئن درست ڪرڻو آهي، نسيم شاهه جي فٽنيس جو مسئلو هو، پر هاڻي هو باقاعده بالنگ ڪري رهيو آهي، محمد وسيم به ڪئمپ ۾ بالنگ ڪري رهيو آهي.
عاقب جاويد چيو ته قومي ٽيم جو اعلان هڪ يا ٻن ڏينهن اندر ڪيو ويندو، نوجوان هجي يا سينيئر، پاڪستان لاءِ بهترين آپشن کي کيڏايو ويندو، ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ايشيائي ڪنڊيشن ۾ ٿيندا، جتي 200 کان وڌيڪ رنسون ڪرڻيون پونديون، ان حساب سان رانديگر چونڊيا ويندا، سينيئر هجي يا جونيئر، بيٽنگ آرڊر ۾ جيڪو به رول ۾ فٽ ٿيندو اهو رانديگر اهم هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ مختلف آپشنز آزمايا ويندا، حارث رئوف کي به کيڏندي ڏسنداسين، ويسٽ انڊيز خلاف به مڪمل تياري ڪئي وئي آهي، ويسٽ انڊيز سيريز جو جيڪو به فيصلو ٿيندو ان موجب ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو.
ڪنهن به فارميٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي حالت سٺي ناهي، بابر ۽ رضوان غلطيون سڌارڻ جو چيو آهي: عاقب جاويد
You might also like