ماهرن ڪامياب شادي ۽ جيون ساٿي کي مطمئن رکڻ جو سولو حل ٻڌائي ڇڏيو

شادي شده خوش باش جوڙن جي ڪامياب تعلق جي پٺيان هڪ سادو پر اهم راز سامهون آيو آهي، جيڪو روزاني بنيادن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ ٿيل تحقيق موجب جيڪا پلس ون رسالي ۾ شائع ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي پيغامن ۾ ايموجيز جو استعمال ڪرڻ سان جوڙن جي وچ ۾ ويجهڙائي وڌي ٿي ۽ لاڳاپن ۾ اطمينان جو احساس وڌيڪ ٿئي ٿو.
تحقيق دوران 23 کان 67 ورهين جي عمر جي 260 ماڻهن کي 15 مختلف چيٽس پڙهڻ لاءِ ڏنيون ويون، جن مان ڪجهه جواب رڳو لکت تي ٻڌل هئا ۽ ڪجهه ايموجيز سان گڏ هئا.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن چيو ويو ته هو پاڻ کي پيغام موڪلڻ وارو سمجهي پنهنجي ” جيون ساٿي“ جي ردعمل جو تجزيو ڪن.
تحقيق مان پتو پيو ته ايموجيز سان گڏ پيغامن کي ماڻهن وڌيڪ جذباتي طور اثرائتو سمجهيو ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيون ساٿي هڪ ٻئي مان خوش ۽ مطمئن آهن.
محققن جو چوڻ آهي ته ايموجيز جذبن کي اظهارڻ جو سڀ کان آسان ۽ سولو ذريعو آهي، جيڪو سادي لکت کي به وڌيڪ احساساتي بڻائي ٿو.
تحقيق موجب، خاص ايموجيز جي بدران ڪنهن به ايموجي جو استعمال اهو اثر پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ وقت سان گڏ ڪيترائي جوڙا هڪجهڙا ايموجيز استعمال ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪو سندن ويجهڙائي کي ظاهر ڪري ٿو.
تحقيق ۾ اِهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته جديد دور ۾ جوڙن جي وچ ۾ ٽيڪسٽ پيغامن جي ڏي وٺ عام آهي ۽ ايموجيز ذريعي هو پنهنجي جذبن کي کي بهتر انداز ۾ ظاهر ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.