عمارت جي رهواسين کي چار ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا، بدقسمتي سان ماڻهو گهر خالي ناهن ڪندا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان عمارت جي رهواسين کي چار ڀيرا عمارت خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.
هڪ بيان ۾ ميئر ڪراچي چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان عمارت جي رهواسين کي چار ڀيرا نوٽيس ڏنا ويا هئا.
هن چيو ته بدقسمتيءَ سان ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا، جنهن سبب ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو، واقعي ۾ ست ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙي سميت ست ڄڻن کي زندهه ڪڍيو ويو آهي.
ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته هو هن معاملي تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان ڳالهائيندو، غيرقانوني اڏاوتون بند ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.